دوداڻي، نرنجن ڊاڪٽر

دوداڻي، نرنجن ڊاڪٽر

نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر

نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر: ڊاڪٽر نرنجن دوداڻي 1926ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ورهاڱي کانپوءِ هو ڀارت هليو ويو، جتان پوءِ آمريڪا ۾ وڃي قيام پذير ٿيو. ڊاڪٽر نرنجن جون سنڌي ٻولي، قوم، ادب جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ڪيل ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. هن پيشي جي حوالي سان Allergy/ Immunology ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي. سندس ادبي ڪم سنڌي ادبي تاريخ ۾ اهميت جو حامل آهي. سندس ڪتابن ۾: ’ڌرتيءَ جا سپنا‘ (ناول)، ’پتلي‘ (ناول)‘، ’اباڻي اُڪير‘ (شاعري)، ’سنڌ جي زينت‘ (ناول)، ’سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنواريان‘ (ناول) ۽ ’ڦهنگون‘ (مضمون) شامل آهن. ڊاڪٽر جي لکڻين ۾ ڌرتيءَ کان جدائيءَ جو درد ۽ ان سان محبت جي ڀرپور اپٽار ٿيل آهي. سندس لکڻين مان سنڌ لاءِ محبت ۽ سنڌي قوم سان انسيت جا جذبا حاوي آهن. سندس لکڻيون ڌرتيءَ سان محبت جي علامت آهن. هن سنڌي ثقافت ۽ ٻوليءَ لاءِ به تمام وڏو ڪم ڪيو. هن پرڏيهه ۾ سنڌين جي فروغ لاءِ آمريڪا ۾ ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ڪرايون ۽ تنظيمن جو بنياد وڌو، جن جو مقصد سنڌي ماڻهن، ٻولي ۽ ادب جو واڌارو ڪرڻ هيو. سندس ناولن ’سنڌڙي جي زينت‘ ۽ ’سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنواريان‘ ۾ سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ سنڌين جي مسئلن جي اُپٽار ٿيل آهي. سندس انهن ٻنهي ناولن کي هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي مقبوليت ملي. هن ’سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا‘ ۽ ’سنڌي ايسوسيئيشن آف نيو انگلينڊ‘ جي قيام لاءِ عملي ڪوششون ورتيون ۽ پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ڪيترن سنڌي پروگرامن، ڪانفرنسن جو ايدوائيزر، ڪوآرڊينيٽر رهيو آهي. هو هارورڊ يونيورسٽي جي ’ايشين پوئٽري سيشن‘ جو باني ميمبر رهيو آهي. هن انڊين آرمي ۾ ويهه سال فلائيٽ سرجن طور۽ پوءِ ڪمانڊر طور ملازمت پڻ ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو